
ڪراچي:(سومر 19 مئي 2025ع)گورنر هائوس ۾ ايم ڪيو ايم ۽ وفاقي وزيرن جي ملاقات جي اندروني ڪهاڻي سامهون اچي وئي آهي.
ذريعن موجب ايم ڪيو ايم ڪيپٽو پاور پلانٽ جي ٽيرف ۾ واڌ ۽ ان کي صنعتن کان الڳ ڪرڻ جي تجويز تي تحفظات جو اظهار ڪيو آهي، جڏهن ته ايم ڪيو ايم اڳواڻن وفاقي وزيرن پاران فيصلن کي اعتماد ۾ نه وٺڻ تي به ناراضگي جو اظهار ڪيو.
ذريعن موجب ايم ڪيو ايم وفد چيو ته حڪومت کي اهم فيصلن ۾ پنهنجن اتحادين کي اعتماد ۾ وٺڻ گهرجي. ڪيپو پاور پلانٽ کي ختم ڪرڻ يا الڳ ڪرڻ سان صنعتي پيداوار، روزگار ۽ برآمدات گهٽجي وينديون.
وفاقي وزيرن چيو ته ڪيپٽو پاور پلانٽ بابت فيصلو 2021 جي ڪابينا ۾ ڪيو ويو هو.
ذريعن موجب ايم ڪيو ايم وفد چيو ته آءِ ايم ايف زرعي آمدني تي ٽيڪس لاڳو ڪرڻ جو به چيو آهي. توهان زرعي آمدني تي ٽيڪس جو معاملو صوبن جي حوالي ڪري پنهنجي جان بچائي. صوبا ڪڏهن به زميندارن ۽ هارين تي ٽيڪس نه لڳائيندا. اميد آهي ته بجيٽ ۾ پگهاردار طبقي تي ٽيڪس جو بار گهٽجي ويندو. اميد آهي ته زرعي آمدني تي ٽيڪس وڌايو ويندو ۽ انهن کي ٽيڪس نيٽ ۾ آندو ويندو. ڪراچي جا مسئلا مختلف آهن. واپارين کي تحفظات آهن. ايم ڪيو ايم کي ڪراچي جي واپارين ۽ عوام کي جواب ڏيڻو پوندو.
ذريعن متحده اڳواڻن جي حوالي سان ٻڌايو ته اها سٺي ڳالهه آهي ته وفاقي حڪومت بجيٽ کان اڳ صلاح مشورو ڪري رهي آهي. بجيٽ ۾ ڪراچي-حيدرآباد پيڪيج جي رقم وڌائڻ گهرجي. وفاقي حڪومت کي بجيٽ ۾ سرڪلر ريلوي، ڪي-4 ۽ انفراسٽرڪچر جي بحالي تي خاص ڌيان ڏيڻ گهرجي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language