welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

سکر ۾ دڪاندار خيرات گھرڻ تان مڇرجي پيو: فقيرياڻيءَ کي لتون هڻڻ جي وڊيو وائرل

سکر:(آچر 18 مئي 2025ع)سکر جي گهنٽا گهر موبائل مارڪيٽ وٽ دڪاندار محمد افضل شيخ ذهني معذور عورت کي تشدد جو نشانو بڻايو، سوشل ميڊيا تي دڪاندار پاران ذهني معذور عورت کي لت هڻڻ واري وڊيو وائرل ٿي وئي. ٽائيم نيوز تي خبر نشر ٿيڻ کانپوءِ ايس ايس پي سکر اظهر مغل واقعي جو نوٽس ورتو. ترجمان پاران جاري ڪيل پڌرائي ۾ ايس ايس پي سکر چيو آهي ته دڪاندار افضل شيخ کي گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. ان قسم جا واقعا ڪنهن به صورت ۾ برداشت ڪرڻ جهڙا ناهن. واقعي جي ڄاڻ ملندي ئي لاڳاپيل ٿاڻي تي حڪم جاري ڪيو ويو. واقعي ۾ ملوث دوڪاندار کي فوري گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. ذريعن موجب دوڪاندار ايسوسيئيشن افضل کي آزاد ڪرائڻ لاءِ ڪوششن ۾ رڌل آهن، ٻڌايو پيو وڃي ته ڄاڻايل ذهني معذور عورت دڪاندارن کي تمام گھڻو تنگ ڪندي رهندي آهي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے