welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

اسرائيل جو غزه تان محدود پئماني تي پابنديون هٽائڻ جو فيصلو

تل ابیب:(سومر 19 مئي 2025ع)اسرائيل بين الاقوامي تنقيد کي منهن ڏيڻ کان پوءِ غزه تائين محدود امداد پهچڻ جي اجازت ڏيڻ لاءِ ناڪي بندي ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب، اسرائيل 2 مارچ تي غزه جي ناڪي بندي ڪئي، کاڌي پيتي سميت هر قسم جي سامان جي داخلا کي روڪيو، جنهن جي ڪري اتي خوراڪ جو سخت بحران پيدا ٿي ويو آهي. اسرائيل جي غزه تي پابندي لڳائڻ جي فيصلي تي بين الاقوامي سطح تي وڏي پيماني تي تنقيد ڪئي وئي. جڏهن ته، آچر تي، اسرائيل اعلان ڪيو ته هو قحط جي صورتحال کان بچڻ لاءِ غزه تائين بنيادي کاڌي جي ترسيل جي اجازت ڏيندو. اسرائيلي وزيراعظم جي آفيس پاران جاري ڪيل بيان ۾ اهو واضح ناهي ته غزه تائين امداد ڪيئن پهچندي ۽ امداد جي پهچ ڪڏهن شروع ٿيندي. اسرائيلي وزيراعظم جو چوڻ آهي ته اهو يقيني بڻايو ويندو ته امداد شدت پسندن جي هٿن ۾ نه وڃي، ۽ اسرائيل حماس کي امداد جي ورڇ تي ڪنٽرول حاصل ڪرڻ کان روڪڻ لاءِ ڪارروائي ڪندو. ياد رهي ته اسرائيل غزه ۾ وڏي پيماني تي زميني ڪارروائي شروع ڪئي آهي، جنهن جي نتيجي ۾ 140 وڌيڪ فلسطيني شهيد ٿي چڪا آهن.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے