ڪراچي:(خميس 22 مئي 2025ع)سنڌ حڪومت صوبي ۾ گرمين جي موڪلن جو اعلان ڪري ڇڏيو، جنهن جو نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو آهي.
اسڪول ايجوڪيشن کاتي پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب، سنڌ جي سرڪاري ۽ نجي اسڪولن ۾ گرمين جون موڪلون پهرين جون 2025ع کان 31 جولاءِ 2025ع تائين هونديون.
نوٽيفڪيشن سرڪاري ۽ خانگي تعليمي ادارن تي لاڳو هوندو، جڏهن ته ٻن مهينن لاءِ تدريسي سرگرميون معطل رهنديون.
0 تبصرے
Do not use vulgar language