welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

ڀارتي حمايت يافته دهشتگرد پراڪسيز جي خاتمي لاءِ سمورا وسيلا استعمال ڪيا ويندا: ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس

راولپنڈی:(خميس 22 مئي 2025ع)ڪور ڪمانڊر ڪانفرنس چيو آهي ته خضدار ۾ دهشتگرد حملو ڀارتي پٺڀرائي سان هلندڙ پراڪسيز ذريعي ڪيو ويو، شهيدن جو رت رائيگان نه ويندو، ڀارتي حمايت يافته دهشتگرد پراڪسيز جي خاتمي لاءِ سمورا وسيلا استعمال ڪيا ويندا. آءِ ايس پي آر موجب فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي صدارت هيٺ 270هين ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس ٿي، جنهن ۾ فورم ملڪي سلامتي کي پيش چيلينجن ۽ مجموعي سيڪيورٽي صورتحال تي تفصيلي جائزو ورتو. فورم آپريشن بنيان مرصوص جي ڪاميابي سان پڄاڻي کي ساراهيو، جڏهن ته آپريشن بنيان مرصوص ۽ خضدار ۾ دهشتگرد حملي جي شهيدن جي ايصال ثواب لاءِ فاتحه خواني به ڪئي وئي. شرڪت ڪندڙن چيو ته خضدار ۾ اها ڪارروائي ڀارت جي پٺڀرائي سان هلندڙ پراڪسيز ذريعي ڪئي وئي، دهشتگرد حملي ۾ 4 معصوم ٻارن سميت 6 ڄڻا شهيد ٿيا، شهيدن جو رت رائيگان نه ويندو، عوام جو تحفظ فوج جي پهرين ترجيح آهي. آءِ ايس پي آر موجب فيلڊ مارشل حمايت تي عوام کي خراج تحسين پيش ڪيو ۽ چيو ته پاڪستان جو عوام اسان جي طاقت جو سرچشمو آهي، ٻاهرين جارحيت، دهشتگردي ۽ انتهاپسندي خلاف گڏيل جدوجهد ۾ عوام جي اعتماد تي پورو لهڻ لاءِ پرعزم آهيون. فورم چيو ته معصوم شهرين کي ڄاڻي واڻي نشانو بڻائڻ انسانيت جي بنيادي اصولن ۽ عالمي قانونن جي ڀڃڪڙي آهي. فورم ڪشميرين جي سفارتي، سياسي ۽ اخلاقي حمايت جي عزم جو اظهار پڻ ڪيو.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے