
شھدادپور:(خميس 22 مئي 2025ع)شهدادپور جي سمس اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ ۾ سيکڙاٽن جي مقرر لوڌ جي مبينہ لاپرواهي ۽ غفلت سبب غلط انجيڪشن ۽ غلط ڊرپ لڳائڻ ڪري سنجھورو واسڻ اڌڙوٽ عورت تڙپي تڙپي فوت، وارثن پاران سمس اسپتال انتظاميہ ۽ عملي خلاف پٽون پاراتا، وارثن جي سخت احتجاج ڪرڻ دوران سمس اسپتال انتظاميہ عورت جي لاش کي فوري طور ايمبولنس ۾ وجھرائي زوري روانو ڪري ڇڏيو
شھدادپور ۾ 80 ڪروڙن کان وڌيڪ جي بجيٽ رکندڙ سمس اسپتال۾ علاج معالجي جي سھولتن جي اڻ ھوند سبب عوام لاء بي لاڀ ۽ ڪوس گھر بڻيل آھي سمس اسپتال شھدادپور جي ايمرجنسي وارڊ ۾ سيکڙاٽن جي مقرر لوڌ جي مبينہ لاپرواهي ۽ غفلت سبب سنجھورو واسڻ اڌڙوٽ عورت مريم مھر کي مبينہ طور انجيڪشن ۽ ڊرپ غلط لڳائڻ ڪري عورت بيڊ تي تڙپي تڙپي فوت.ٿي وئي وارثن سمس اسپتال جي انتظاميہ ۽ عملي خلاف پٽون پاراتاڏئي سخت احتجاج ڪيو اھڙي صورتحال بعد سمس اسپتال جي انتظاميہ ڦڙتي ڏيکاريندي عورت جي لاش کي فوري طور ايمبولنس ۾ وجھرائي وارثن جي روڄ راڙي ۽ احتجاج ڪندي کين زوري سنجھورو روانو ڪري ڇڏيو
انهي حوالي سان عورت جي ڀاء عرس مھر ٻڌايو تہ ڀيڻ کي پاسي ۾ سور پوڻ سبب ڪار ۾ کڻي سمس اسپتال شھدادپور آياسين جتي ڊاڪٽرياڻي نہ ھجڻ ڪري ڊاڪٽرن ۽ عملي انجيڪشنون ۽ ڊرپ لڳائڻ بعد اسان جي چڱي ڀلي ڀيڻ تڙپي تڙپي فوت ٿي وئي اسپتال انتظاميہ ڊاڪٽرن ۽ عملي اسان سان وڏو ظلم ڪيو ويو آھي.
جڏھن تہ ايمرجنسي وارڊ ۾ ڊيوٽي ڊاڪٽر عبدالحميد نربان ٻڌايو تہ اسان جي طرفان عورت جي علاج معالجي ۾ ڪابہ ڪوتاھي يا غفلت نہ ٿي آھي عورت کي عطائي ڊاڪٽرن وٽان غلط علاج ڪرائي آخر اسٽيج تي پھچڻ ڪري کيس ڪلاڪ پھريان ھتي کڻي آيا ان جي باوجود اسان کيس بڇائڻ جي ڪوشش ڪئي پر عورت جا ڏينھن پورا ھئا.
0 تبصرے
Do not use vulgar language