welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

فرانسيسي صدر پاران شرطن سان فلسطين کي تسليم ڪرڻ جو اشارو

جڪارتا:(جمعو 30 مئي 2025ع)فرانسيسي صدر ايمانوئل ميڪرون هڪ ڀيرو ٻيهر فلسطين لاءِ ٻٽي رياستي حل تي زور ڏيندي چيو ته وچ اوڀر جي حوالي سان فرانس جي پرڏيهي پاليسي ۾ ڪو به ٻٽو معيار ناهي. جڪارتا جي صدر پرابوو سوبيانتو سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي، فرانسيسي صدر ايمانوئل ميڪرون فلسطينين کي زبردستي بي دخل ڪرڻ جي اسرائيلي منصوبي جي سخت مذمت ڪئي ۽ چيو ته حالتن سان فلسطيني رياست کي تسليم ڪرڻ هڪ اخلاقي فرض آهي. فرانسيسي صدر ميڪرون چيو ته جيستائين غزه ۾ صورتحال بهتر نه ٿيندي، اسرائيل تي موقف سخت ڪرڻو پوندو. ٻئي طرف، انڊونيشيائي صدر پرابوو سوبيانتو پڻ فلسطين لاءِ ٻٽي رياستي حل جي حمايت ڪندي چيو ته فلسطين لاءِ ٻٽي رياستي حل امن حاصل ڪرڻ جو واحد رستو آهي. اهو ياد رکڻ گهرجي ته آڪٽوبر 2023 کان وٺي، اسرائيلي فوج غزه ۾ 54,000 کان وڌيڪ فلسطينين کي شهيد ڪري چڪي آهي، جن مان هڪ وڏو تعداد عورتون ۽ ٻار آهن.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے