welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

پيٽروليم ليوي جي مد ۾ عوام تي تاريخي بار وجهڻ جي تياري

اسلام آباد:(اڱارو 20 مئي 2025ع)حڪومت ۽ آءِ ايم ايف پيٽروليم شين تي ليوي وڌيڪ وڌائڻ تي متفق ٿي ويا آهن. ذريعن موجب آءِ ايم ايف سان ڳالهين ۾ 5 رپيا ڪاربن ليوي لاڳو ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو، جڏهن ته ايندڙ مالي سال ۾ پيٽروليم ليوي 100 رپيا في ليٽر کان وڌيڪ ڪرڻ جي تجويز پڻ آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته استعمال ٿيل گاڏين تي مجموعي ڊيوٽي جي شرح نئين گاڏين جي ڀيٽ ۾ 40 سيڪڙو وڌيڪ هوندي، ۽ اهو فرق هر سال 10 سيڪڙو گهٽجي ويندو، جنهن جي مڪمل خاتمي جي اميد 2030 تائين هوندي. ذريعن جو چوڻ آهي ته آءِ ايم ايف اڳوڻي فاٽا/پاٽا کي ڏنل ٽيڪس ڇوٽ ختم ڪرڻ ۽ ڀاڻ تي جنرل سيلز ٽيڪس جي شرح لاڳو ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے