لاھور:(اڱارو 20 مئي 2025ع)پنجاب جي سُڌ سماءُ واري وزير عظميٰ بخاري، سينيٽر فيصل واوڊا تي سخت تنقيد ڪندي کيس ”ذهني مريض“ ۽ ”سستو شاهه رخ خان“ قرار ڏئي ڇڏيو.
لاهور ۾ صحافين سان گفتگو دوران هڪ صحافي عظميٰ بخاري کان فيصل واوڊا جي بيان بابت سوال ڪيو ته هن جواب ڏيندي چيو ته ”هو ڪير آهي؟ اصل ۾ هو هڪ ذهني مريض آهي ۽ سستو شاهه رخ خان آهي.
عظيمه بخاري وڌيڪ چيو ته في الحال ته هو سينيٽر آهي، پر سندس ڪا به سياسي پارٽي ناهي، سندس بيان تي ڪجهه چوڻ نٿي چاهيان، اهڙي ماڻهوءَ جي حالت رحم جوڳي هوندي آهي.
ياد رهي ته فيصل واوڊا تازو ئي هڪ ٽاڪ شو دوران پنجاب حڪومت تي ڇتي تنقيد ڪئي هئي، جنهن تي پنجاب حڪومت پاران به سخت ردعمل ڏنو ويو آهي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language