واشنگٽن:(ڇنڇر 03 مئي 2025ع)آمريڪا ۾ پاڪستان جي سفير رضوان سعيد شيخ چيو آهي ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي ڪشمير مسئلي جي حل لاءِ قدم کڻڻ گهرجن ڇو ته اهو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ايٽمي تڪرار جو سبب آهي.
آمريڪي ٽي وي کي انٽرويو ڏيندي رضوان سعيد شيخ چيو ته جيڪڏهن ڀارت حملو ڪيو ته ٻن ايٽمي طاقتن جي وچ ۾ جنگ خطرناڪ رخ اختيار ڪري سگهي ٿي. صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي ڪشمير مسئلي جي حل لاءِ قدم کڻڻ گهرجن. ڪشمير جو مسئلو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ هڪ ايٽمي تڪرار آهي.
هن چيو ته هندستاني حڪومت ۽ ميڊيا هن وقت جنگ جي جنون ۾ آهن. پهلگام حملي کان پوءِ پاڪستان ۽ ڀارت جي سرحدن تي فائرنگ جو تبادلو ٿيو. ڀارت کي پهلگام حملي جي غير جانبدار ۽ شفاف جاچ جي آڇ ڪئي وئي آهي. ڀارت ڄمون ۽ ڪشمير ۾ پنهنجي انتظامي خامين کي حل ڪرڻ بدران پنهنجي سرحدن کان ٻاهر ڇو ڏسي رهيو آهي؟
پاڪستاني سفير چيو ته پاڪستان هندستان جي پاڻي روڪڻ کي جنگي ڪارروائي سمجهندو. اسان خطي ۾ عدم استحڪام برداشت نٿا ڪري سگهون. اسان هڪ پرامن پاڙيسري چاهيون ٿا ۽ امن جي اسان جي خواهش کي ڪمزوري نه سمجهيو وڃي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language