
ڪراچي:(اڱارو 20 مئي 2025ع)سنڌ جي وڏي وزير جي خوراڪ بابت خاص مددگار عبدالجبار خان جي صدارت هيٺ سنڌ فوڊ اٿارٽي جو اهم اجلاس سيڪريٽري خوراڪ جي آفيس ۾ منعقد ٿيو، جنهن ۾ اٿارٽي جي مجموعي ڪارڪردگي، مالي معاملن، لائسنسنگ، رجسٽريشن ۽ فني مامرن جو تفصيلي جائزو ورتو ويو.
اجلاس کي خطاب ڪندي عبدالجبار خان چيو ته وجيلنس ٽيم جي ڪارڪردگي غير تسلي بخش آهي، جيڪڏهن ھڪ هفتي اندر ڪارڪردگيءَ ۾ بهتري نه آندي وئي ته لاڳاپيل عملي کي سندن عهدن تان هٽايو ويندو هن نالن تي قائم غير قانوني هوٽلن ۽ خوراڪ وڪڻندڙ پتھارن خلاف فوري ڪارروائيءَ جي هدايت ڪندي چيو ته لائسنسنگ نيٽورڪ کي وڌيڪ فعال ۽ آسان بڻايو وڃي ته جيئن وڌيڪ ڪاروباري ماڻهن جي رجسٽريشن ممڪن ٿي سگهي.
ان موقعي تي ڊائريڪٽر جنرل سنڌ فوڊ اٿارٽي اجلاس کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته لائسنسنگ کي آسان بڻائڻ لاءِ هڪ نئين ايپ تيار ڪئي وئي آهي، جنهن ذريعي ڪاروباري ماڻهو آن لائين رجسٽريشن ۽ لائسنس حاصل ڪري سگهندا.عبدالجبار خان چيو ته سنڌ فوڊ اٿارٽي جي سڀني اهلڪارن لاءِ ضابطه اخلاق جي سختي سان پيروي لازمي آهي ۽ بغير يونيفارم جي ڪا به ڪارروائي نه ڪئي ويندي.
هن وڌيڪ چيو ته ڪنهن به ڪارروائي کان اڳ ضلعي انتظاميا کي اعتماد ۾ وٺڻ لازمي آهي.هن ٻڌايو ته سنڌ فوڊ اٿارٽي فورس جي قيام لاءِ وڏي وزير کي باضابطه درخواست ڏني وئي آهي ۽ جلد ئي ان فورس جو قيام عمل ۾ آندو ويندو.سنڌ فوڊ اٿارٽي غذائي تحفظ ۽ معيار کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ لاءِ هڪ اهم قدم کڻندي، صوبي جي سمورن ضلعن ۾ ملازمن جي تربيت لاءِ پروگرام شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، هي تربيت جو پروگرام جديد فوڊ سيفٽي اسٽينڊرڊز، جاچ، قانونن جي لاڳو ٿيڻ ۽ آگاهي مهمن جي حوالي سان ملازمن جي پيشوراڻين صلاحيتن کي بهتر ڪرڻ لاءِ ترتيب ڏنو ويو آهي.
شروعاتي مرحلي ۾ ڪراچي، حيدرآباد، سکر، لاڙڪاڻو ۽ ميرپورخاص ۾ تربيت جا سيشن شروع ڪيا ويندا، جڏهن ته بعد ۾ ٻين ضلعن کي به شامل ڪيو ويندو,سنڌ فوڊ اٿارٽي جي ڊائريڪٽر جنرل چيو آهي ته هن قدم سان نه صرف ملازمن جي ڪارڪردگي ۾ واڌارو ٿيندو، پر عوام کي محفوظ ۽ معياري خوراڪ جي فراهمي به يقيني بڻائي سگهبي.
اجلاس ۾ ايم پي اي ۽ پارلياماني سيڪريٽري هالار وسان، سيڪريٽري خوراڪ، ڊائريڪٽر جنرل سنڌ فوڊ اٿارٽي، ڊائريڪٽر فنانس، ڊائريڪٽر ٽيڪنيڪل، ڊائريڪٽر پروڊڪشن، ڊائريڪٽر آپريشن (ڪراچي ڊويزن)، ڊپٽي ڊائريڪٽرز لائسنس، ڪراچي جا سڀئي ڊپٽي ڊائريڪٽرز آپريشن سميت خوراڪ کاتي جي مختلف شعبن جا اعليٰ آفيسر شريڪ ٿيا.
0 تبصرے
Do not use vulgar language