welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

ايئر چيف مارشل ظهير احمد بابر سڌو جو مدو پورو ٿيڻ باوجود خدمتون جاري رکڻ جي منظوري

اسلام آباد:(اڱارو 20 مئي 2025ع)وفاقي ڪابينه آپريشن بنيان مرصوص ۾ دشمن کي شڪست ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندڙ ايئر چيف مارشل ظهير احمد بابر سڌو جي ملازمت جو مدو پورو ٿيڻ تي سندس خدمتون جاري رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي. وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينه اجلاس ۾ اهم فيصلا ڪيا ويا. پڌرائي موجب وفاقي ڪابينه جنرل عاصم منير کي فيلڊ مارشل جي عهدي تي ترقي ڏيڻ جي منظوري ڏني، جڏهن ته ايئر چيف مارسل ظهير احمد بابر سڌو جي ملازمت جو مدو پورو ٿيڻ تي سندس خدمتون جاري رکڻ جو به گڏيل فيصلو ڪيو ويو. ڀارت خلاف آپريشن بنيان مرصوص ۾ پاڪ فضائيا ايئر چيف مارشل ظهير احمد بابر سڌو جي قيادت ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. ياد رهي ته پاڪ فضائيا جو سربراهه ايئر چيف مارشل ظهير احمد بابر سڌو فور اسٽار ايئر فورس آفيسر ۽ پاڪستان جو 16هون چيف آف ايئر اسٽاف آهي، هن 19 مارچ 2021ع ۾ ايئر چيف مارشل مجاهد انور خان جو مدو پورو ٿيڻ کانپوءِ فضائيا جي ڪمان سنڀالي هئي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے