welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

اڄ ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ تيز برسات ۽ ڳڙي پوڻ جو امڪان

ڪراچي:(سومر 26 مئي 2025ع)موسميات کاتي اڄ ملڪ جي مختلف حصن ۾ مينهن ۽ ڳڙي جي اڳڪٿي ڪئي آهي. موسميات کاتي موجب اڄ خيبرپختونخواهه، اسلام آباد، خطي پوٺوهار، ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ بلوچستان جي ڪجهه ضلعن ۾ گجگوڙ سان گڏ برسات جو امڪان آهي. ٻئي طرف موسميات کاتي ملڪ جي اڪثر حصن ۾ گرم ۽ خشڪ موسم جي اڳڪٿي به ڪئي آهي. موسميات کاتي موجب، ڪالهه سڀ کان وڌيڪ گرمي پد نوڪنڊي، اسڪرند، ڇور ۽ مٺي ۾ 46 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو. ڇنڇر ڏينهن پنجاب جي مختلف حصن ۾ طوفان ۽ طوفاني برسات سبب ٿيل نقصان جا تفصيل پڻ سامهون آيا آهن. پنجاب ايمرجنسي سروسز ڊپارٽمينٽ جي رپورٽ موجب، صوبي ۾ 221 حادثن ۾ 12 ماڻهو فوت ٿيا، 43 ماڻهن کي طبي امداد ڏني وئي، جڏهن ته 98 ماڻهن کي اسپتالن ڏانهن منتقل ڪيو ويو. حادثن ۾ ڪل 153 ماڻهو زخمي ٿيا.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے