welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

حماس غزه تائين پهچندڙ امداد کي لُٽي نه رهيو آهي: ورلڊ فوڊ پروگرام

غزه:(سومر 26 مئي 2025ع)ورلڊ فوڊ پروگرام اسرائيلي الزامن کي رد ڪري ڇڏيو آهي ته حماس غزه ۾ پهچندڙ امداد کي لُٽيو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب، ورلڊ فوڊ پروگرام جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر سنڊي ميڪ ڪين پنهنجي بيان ۾ چيو ته حماس غزه تائين پهچندڙ امداد کي لُٽي نه رهيو آهي. هن چيو ته جڏهن فلسطيني شهري ورلڊ فوڊ پروگرام جي ٽرڪ کي ايندا ڏسندا آهن ته ان ڏانهن ڊوڙندا آهن. ان جو حماس سان ڪو به تعلق ناهي. حقيقت اها آهي ته ماڻهو بک کان مري رهيا آهن. ٻئي طرف فرانس جي راڄڌاني پيرس ۾ غزه ۾ اسرائيلي ظلمن خلاف احتجاج ڪيا ويا. اسرائيل مخالف پلي ڪارڊ کڻي، مظاهرين "آزاد فلسطين" جا نعرا هنيا، جڏهن ته مظاهرين غزه ۾ ٻارن جي قتل عام کي بند ڪرڻ ۽ فوري طور تي جنگ بندي جو مطالبو ڪيو.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے