welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

ڀارت: نيني تال ۾ هندو انتهاپسندن جو مسلمانن تي حملو، دڪانن کي ڀڳو ويو

اتراکھنڊ:(آچر 04 مئي 2025ع)ڀارتي رياست اتراکھنڊ جي شهر نيني تال ۾ هندو انتهاپسندن مسلمانن تي حملو ڪيو ۽ انهن جي دڪانن ۾ ڀڃ ڊاهه ڪئي. پرڏيهي ميڊيا موجب، هندو انتهاپسندن مارڪيٽ جي مزدورن کي ڌمڪيون ڏنيون، گاليون ڏنيون ۽ مار ڏني. مسلمانن جي حق ۾ آواز اٿاريندڙ ڇوڪري شيلا ناگي کي به انتهاپسندن پاران ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن. شيلا ناگي چوي ٿي ته شرابي هجوم نيني تال کان نه هو، ۽ هن واقعي کان پوءِ عورتون پاڻ کي محفوظ محسوس نه ٿيون ڪن. شيلا ناگي وڌيڪ چيو ته هوءَ ڊڄڻ واري ناهي ۽ مستقبل ۾ به پنهنجو آواز بلند ڪندي رهندي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے