غزه:(آچر 04 مئي 2025ع)امداد جي بندش سبب غزه ۾ خوراڪ جو بحران وڌيڪ خراب ٿي ويو آهي، تقريبن 300,000 ٻار بک وگهي موت جي ڪناري تي آهن.
غزه ۾ 3,500 کان وڌيڪ ٻارڙن جون زندگيون پڻ ٻارن جي فارمولا کير ۽ ٻين غذائي اجزاء جي کوٽ سبب خطري ۾ هيون.
اسرائيل 2 مارچ تي غزه جنگ بندي دوران غزه ۾ داخل ٿيندڙ سڀني امداد تي پابندي لاڳو ڪئي، جيڪا اڃا تائين برقرار آهي.
غزه ۾ خوراڪ جي امداد جي نگراني ڪندڙ تنظيم آڪسفيم، اسرائيلي قدم تي گڏيل قومن جي مجرمانه خاموشي جو حوالو ڏيندي، غزه جي ٻارن جي حالت زار لاءِ سڄي دنيا کي ذميوار قرار ڏنو.
ٻئي طرف غزه ۾ اسرائيلي بمباري جاري آهي ۽ صبح کان وٺي اسرائيلي حملن ۾ 40 کان وڌيڪ فلسطيني شهيد ٿي چڪا آهن.
0 تبصرے
Do not use vulgar language