welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

برازيل: ليڊي گاگا جي ڪنسرٽ ۾ 20 لک کان وڌيڪ ماڻهن شرڪت ڪئي، بم جي سازش ناڪام

برازيليا:(آچر 04 مئي 2025ع)برازيل ۾ آمريڪي ڳائڻي ليڊي گاگا جي ڪنسرٽ ۾ بم ڌماڪي جي سازش کي ناڪام بڻايو ويو آهي. پرڏيهي خبرون ڏيندڙ اداري موجب، گذريل رات ريو ڊي جنيرو ۾ ساحل تي ليڊي گاگا جي تاريخي ڪنسرٽ ۾ 20 لک کان وڌيڪ ماڻهن شرڪت ڪئي. برازيل جي پوليس ڪارروائي ڪئي ۽ بم جي سازش کي ناڪام بڻائي ڇڏيو. پوليس جو چوڻ آهي ته بم حملي جي منصوبابندي هڪ اهڙي گروهه ڪئي هئي جيڪو سوشل ميڊيا تي نفرت انگيز ڳالهيون پکيڙيندو هو ۽ نوجوانن کي انتها پسند بڻائيندو هو. انٽيليجنس معلومات جي بنياد تي ڪيل آپريشن ۾ گروپ جي اڳواڻ سميت ٻن ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو. پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار ڌماڪيدار مادو ۽ ڪاڪ ٽيل سان ڌماڪا ڪرڻ لاءِ ڪنسرٽ ۾ ويندڙن کي استعمال ڪرڻ چاهيندا هئا. شڪي ماڻهن سوشل ميڊيا تي پاڻ کي گاگا گلوبل فين گروپ جي ميمبرن طور متعارف ڪرايو هو. پوليس موجب، سائبر آپريشنز واري وزارت جي رپورٽ ۽ انٽيليجنس معلومات جي بنياد تي شڪي ماڻهن خلاف ڪارروائي ڪئي وئي. پوليس جو چوڻ آهي ته وڌيڪ جاچ جاري آهي ۽ گرفتار شڪي ماڻهن کان پڇا ڳاڇا ڪئي پئي وڃي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے