welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

وزيراعظم، برطانيا کي پَهَلگام واقعي جي جاچ ۾ شموليت جي دعوت ڏئي ڇڏي

اسلام آباد:(سومر 05 مئي 2025ع)پاڪستان، والاريل ڪشمير جي علائقي پَهَلگام ۾ پيش آيل واقعي جي جاچ لاءِ برطانيا کي شموليت جي دعوت ڏئي ڇڏي. وزيراعظم شهباز شريف سان پاڪستان ۾ برطانيا جي هاءِ ڪمشنر جين ميريٽ جي ملاقات ڪئي. ان موقعي تي وزيراعظم پَهَلگام واقعي تي برطانيا کي جاچ ۾ شموليت جي دعوت ڏني. وزيراعظم واقعي جي اعلي سطحي شفاف ۽ اڻڌري عالمي جاچ آڇ جو عزم ورجايو. وزيراعظم جو چوڻ هو ته برطانيا کي گهرجي ته پاڪستان ۽ ڀارت سان پنهنجن سفارتي لاڳاپن کي استعمال ڪري، خطي ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ گهٽائڻ لاءِ اثرائتو ڪردار ادا ڪري. ملاقات دوران وزيراعظم شهباز شريف برطانوي هاءِ ڪمشنر کي پاڪستان جي موقف کان آگاهه ڪيو ۽ بنا ڪنهن ثبوت جي پَهَلگام واقعي کي پاڪستان سان ڳنڍڻ جي ڀارتي دعويٰ کي سختي سان رد ڪيو. هن زور ڀريو ته پاڪستان جي پهرين ترجيح ملڪ جي معاشي ترقي آهي ۽ پاڪستان ڪڏهن به اهڙو قدم نه کڻندو جيڪو علائقائي امن ۽ سلامتي لاءِ خطرو بڻجي. وزيراعظم، برطانوي نمائندي کي پَهَلگام واقعي کانپوءِ پيدا ٿيل صورتحال بابت پڻ آگاهه ڪيو. برطانوي هاءِ ڪمشنر جين ميريٽ جو چوڻ هو ته برطانيا خطي ۾ امن ۽ سلامتي لاءِ پاڪستان ۽ ڀارت ٻنهي سان گڏجي ڪم ڪندو.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے