welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

ڏوڪريءَ ۾ واپاري نوجوان کان 6 لک رپيا ڦر: مزاحمت تي گوليون هڻي قتل

ڏوڪڙي:(جمعو 30 مئي 2025ع)ڏوڪري شهر جي زرعي بينڪ ڀرسان موٽرسائيڪل سوار اڻڄاتل هٿياربندن وڪيل محمد قاسم چنو جي ڀاءُ آٽوز هلائيندڙ 24 ورهين جي نوجوان اڪرم چنو کي مبينا ڦر دوران مزاحمت تي گوليون هڻي 6 لک رپين کان وڌيڪ روڪ رقم ڦر ڪري فرار ٿي ويا، نوجوان کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ کڻائي لاڙڪاڻو اسپتال آندو ويو جتي هن دم ڏئي ڇڏيو، اسپتال مان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو، ان موقعي تي مقتول جي ڀاءُ وڪيل محمد قاسم چنو ٻڌايو ته منهنجو ڀاءُ اڪرم چنو جو ڏوڪري شهر جي زرعي بينڪ ڀرسان آٽوز جو دڪان آهي، موٽرسائيڪل سوار هٿياربند ڦورن ڀاءُ کان 6 لک رپين کان وڌيڪ روڪ رقم ڦر ڪري مزاحمت تي کيس گوليون هڻي قتل ڪرڻ بعد روڪ رقم کڻي فرار ٿي ويا آهن. هن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے