ميرپور ساڪرو:(جمعو 30 مئي 2025ع)ميرپور ساڪرو لڳ ڪوسٽل ھاءِ وي ويجھو درياءَ پير ڪريڪ وٽان مڇي ماريندي 2 ڄڻا ٻڏي فوت ٿي ويا. خبرموجب ميرپور ساڪرو ويجهو ڪوسٽل ھاءِ وي ويجهو درياءَ پير ڪريڪ وٽان مڇي ماريندي 35ورھين جو الھبچايو ولد عمر ڪاتيار ۽ 40 ورھين جو يوسف ملاح ٻڏي فوت ٿي ويا، فوتين جا لاش ھٿ ڪري اسپتال منتقل ڪيا ويا، جتان ضروري ڪارروائين بعد لاش وارثن حوالي ڪيا ويا. ٻدايو پيو وڃي ته الھبچايو ڪاتيار رڇ ۾ ڦاسڻ سبب ۽ يوسف ملاح پير ترڪڻ سبب ٻڏي فوت ٿي ويا، ٻئي فوتي ميرپور ساڪرو ويجهو ڪڪڙاند ۽ ڳاڙھي ڀٽ جا ٻدايا پيا وڃن لاش گھر پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو. فوتين جي مقامي قبرستان ۾ تدفين ڪئي وئي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language