welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

پشاور: مخالفن جي پاڙيسري جي گهر تي فائرنگ، هڪ ئي خاندان جا 6 ڄڻا مارجي ويا

پشاور:(سومر 19 مئي 2025ع)پشاور ۾ هڪ گهر تي هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ ئي خاندان جا ڇهه ماڻهو مارجي ويا. پشاور پوليس موجب، واقعو خٽڪو پل واري علائقي ۾ پيش آيو جتي هڪ گهر تي فائرنگ ڪئي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ ئي خاندان جا ڇهه ماڻهو مارجي ويا ۽ هڪ عورت زخمي ٿي پئي. پوليس جو چوڻ آهي ته فائرنگ ۾ مارجي ويلن ۾ ٽي عورتون به شامل آهن، جڏهن ته زخمي عورت کي ليڊي ريڊنگ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. پوليس موجب، ڌريون پاڙيسري آهن ۽ متاثرين تي مخالف ڌر جي عورت کي قتل ڪرڻ جو الزام هو. واقعي کانپوءِ جوابدار فرار ٿي ويا ۽ انهن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے