پشاور:(سومر 19 مئي 2025ع)خيبر پختونخوا جي ضلعي خيبر ۾، عملي جي کوٽ سبب 37 سرڪاري ڇوڪرين جا پرائمري اسڪول بند ڪيا ويا.
ذريعن موجب، لنڊي ڪوتل تحصيل ۾ 21، باڙه تحصيل ۾ 12 ۽ جمرود تحصيل ۾ 4 سرڪاري ڇوڪرين جا پرائمري اسڪول بند ڪيا ويا آهن، جنهن ڪري سوين شاگردياڻين جو مستقبل داؤ تي لڳي ويو آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ڏورانهن علائقن ۾ عورت استاد ڊيوٽي تي نه آهن ۽ مقامي سطح تي عورت استادن جي کوٽ آهي، جنهن جي ڪري تعليمي ادارا بند ٿي ويا آهن.
0 تبصرے
Do not use vulgar language