welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

اسرائيلي حملن ۾ وڌيڪ 60 فلسطيني قتل، گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل غزه جي صورتحال کي ناقابل بيان قرار ڏنو

غزہ:(آچر 18 مئي 2025ع)اسرائيل غزه تي حملا تيز ڪري ڇڏيا آهن، جنهن ۾ 60 فلسطيني مارجي ويا آهن. گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس غزه جي صورتحال کي ناقابل بيان، ظالمانه ۽ غير انساني قرار ڏنو آهي. انتونيو گوتريس چيو ته اسرائيل جي غزه جي محاصري ۽ بک مرڻ جي پاليسي بين الاقوامي قانون جو مذاق اڏائي ٿي، ۽ امداد جي بندش کي فوري طور تي ختم ڪيو وڃي. ٻئي طرف، اسرائيل پنهنجي جارحيت کي جاري رکندي، غزه تي پنهنجا حملا وڌائي ڇڏيا، جنهن جي نتيجي ۾ 60 وڌيڪ فلسطيني شهيد ٿي ويا. انهيءَ دوران، عراق ۾ عرب ليگ جو اجلاس ٿيو جتي اسرائيل کي غزه ۾ پنهنجي نسل ڪشي جي مهم ۽ منظم حملن کي روڪڻ جو مطالبو ڪيو ويو.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے