
اسلام آباد:(سومر 05 مئي 2025ع) مالي سال 26-2025 جي وفاقي بجيٽ کي حتمي شڪل ڏيڻ جي لاءِ پاڪستان جي حڪومت عالمي مالياتي فنڊ(آءِ ايم ايف) سان مشاورت جو فيصلو ڪري ورتو آهي. ذريعن موجب آءِ ايم ايف جو وفد 14 مئي کان 22 مئي تائين پاڪستان جو دورو ڪندو. جتي هو ناڻي واري وزارت ۽ ٻين معاشي ادارن سان بجيٽ تجويزن کي حتمي شڪل ڏيندو.
ايندڙ مالي سال جي لاءِ گڏيل قومي پيداوار(جي ڊي پي) 1 لک 30 هزار ارب روپين تائين مقرر ڪرڻ جو حدف ڏنو ويو آهي. جڏهن ته ايف بي آر جو روينيو حدف 14 هزار 200 ارب روپيه رکڻ جي تجويز ڏني وئي آهي جيڪو جي ڊي پي جو 11 سيڪڙو آهي.
هلندڙ مالي سال ۾ ٽيڪس ٽو جي ڊي پي تناسب جو اندازو 10.6 سيڪڙو آهي. جنهن کي ايندڙ مالي سال 11 سيڪڙو تائين وڌائڻ جو حدف ڏنو ويو آهي ۽ مئي 2025 جي لاءِ ايف بي آر کي 950 ارب روپين کان وڌيڪ جو روينيو حدف ڏنو ويو آهي.
اهڙي طرح هلندڙ مالي سال جي اختتام تائين ايف بي آر جي گڏيل ٽيڪس وصولي 11.800 ارب روپين تائين رهڻ جو امڪان آهي. ٽيڪس ڪيسز ۾ التوا هيٺ رقم مان 500 ارب روپين جي وصولي جو اندازو لڳايو ويو آهي. پر انهي ڪيسز ۾ ريڪوري نه ٿيڻ جي صورت ۾ 12.334 ارب روپين جو نظرثاني ٿيل حدف پورو نه ٿي سگهندو جنهن سبب 50 ارب روپين جو شارٽ فال پيدا ٿيندو.
0 تبصرے
Do not use vulgar language