welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

غزه ۾ اسرائيلي فوج جي وحشياڻي ڪارروائي، وڌيڪ 24 فلسطيني قتل

غزه:(سومر 05 مئي 2025ع)غزه ۾ اسرائيلي فوج جو خونريزي جاري آهي، تازين حملن ۾ وڌيڪ 24 فلسطيني قتل ٿي ويا آهن. هڪ بين الاقوامي خبرن جي اداري جي رپورٽ موجب، عمارت جي ملبي ۾ دٻيل ماڻهن کي ڪڍڻ لاءِ آيل امدادي ڪارڪنن تي هڪ اسرائيلي ڪواڊ ڪاپٽر حملو ڪيو. رپورٽن موجب، امداد جي بندش سبب غزه ۾ خوراڪ جو بحران شدت اختيار ڪري ويو آهي، تقريبن 300,000 ٻار بک وگهي موت جي ڪناري تي آهن. رپورٽن موجب، ٻار جي فارمولا کير ۽ ٻين غذائي اجزاء جي کوٽ سبب 3,500 کان وڌيڪ ٻارڙن جون زندگيون خطري ۾ آهن. ٻئي طرف، اسرائيلي فوج گذريل ڏينهن غزه ۾ ٻن فوجين جي موت جي تصديق ڪئي. ڇنڇر ڏينهن ڏکڻ غزه جي شهر رفح ۾ هڪ سرنگ جي داخلا تي هڪ زوردار ڌماڪو ٿيو، جنهن ۾ هڪ ڪيپٽن سميت ٻه اسرائيلي فوجي مارجي ويا ۽ ٻه زخمي ٿي پيا. اسرائيلي قابض فوج جو چوڻ آهي ته مارجي ويل اهلڪار فوج جي اشرافيه 'يحلم' انجنيئرنگ يونٽ سان تعلق رکندا هئا ۽ گولاني برگيڊ تحت فرائض سرانجام ڏئي رهيا هئا. اسرائيل کي غزه ۾ هزارين ريزرو فوجي طلب ڪرڻ تي مجبور ڪيو ويو آفيسر هڪ عمارت اندر هڪ سرنگ جي داخلا جي جانچ ڪري رهيا هئا ته هڪ ڌماڪو ٿيو، جنهن ۾ ٻه سپاهي موقعي تي ئي مارجي ويا. اسرائيلي ميڊيا موجب، غزه ۾ زميني ڪارروائي دوران مارجي ويل اسرائيلي فوجين جو انگ هاڻي 416 ٿي ويو آهي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے