غزہ:(خمیس 15 مئي 2025ع)اسرائيل غزه تي حملي ۾ 24 ڪلاڪن ۾ 100 کان وڌيڪ فلسطيني قتل ڪيا ويا.
اسرائيل غزه ۾ هوائي ۽ زميني حملا تيز ڪري ڇڏيا آهن، جنهن جي نتيجي ۾ 24 ڪلاڪن ۾ 140 کان وڌيڪ فلسطيني قتل ڪيا ويا آهن.
ان دوران، يورپي اسپتال تي بنڪر بسٽر بم حملي جا منظر سي سي ٽي وي فوٽيج ۾ رڪارڊ ڪيا ويا.
ٻئي طرف، رپورٽون سامهون اچي رهيون آهن ته رفح شهر ۾ القسام برگيڊ جي جوابي حملي ۾ ڪيترائي اسرائيلي فوجي مارجي ويا ۽ زخمي ٿيا آهن.
ان کان علاوه، غزه جي امداد جي بندش تي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ روس، چين ۽ برطانيه گڏيل آمريڪي-اسرائيلي امداد جي منصوبي کي رد ڪري ڇڏيو.
0 تبصرے
Do not use vulgar language