welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

غزه: فلسطيني مجاھدن اسرائيلي فوج تي حملن جي نئين وڊيو جاري ڪري ڇڏي

غزه:(خمیس 15 مئي 2025ع)القسام برگيڊ قابض اسرائيلي فوج تي حملن جي هڪ نئين وڊيو جاري ڪئي. فلسطيني مزاحمتي تنظيم حماس جي فوجي ونگ القسام برگيڊ پاران جاري ڪيل وڊيو ۾ 25 اپريل تي غزه شهر جي اوڀر ۾ شجاعيه علائقي ۾ ڪيل حملن جا منظر شامل آهن. وڊيو ۾ ڏيکاريو ويو آهي ته القسام برگيڊ اسرائيلي فوج جي ٽينڪن ۽ گاڏين تي راڪيٽ فائر ڪري رهيا آهن، جڏهن ته اسرائيلي فوجين تي به سخت فائرنگ ڪئي وئي. القسام برگيڊ دعويٰ ڪئي آهي ته حملي ۾ ٻه اسرائيلي فوجي مارجي ويا آهن. ٻئي طرف غزه تي اسرائيلي حملا وڌي ويا آهن ۽ گذريل رات کان وٺي 103 وڌيڪ فلسطيني شهيد ٿي چڪا آهن. رفح شهر ۾ القسام برگيڊ جي جوابي حملي ۾ ڪيترن ئي اسرائيلي فوجين جي مارجي وڃڻ ۽ زخمي ٿيڻ جون خبرون پڻ مليون آهن. والاريل اولهه ڪناري ۾ اسرائيلي فوجي ڪارروائي ۾ پنج فلسطيني به شهيد ٿيا آهن.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے