اسلام آباد:(اربع 28 مئي 2025ع)حڪومت پاران پيٽروليم ليوي جي وصولي جي صورت ۾ عوام کي مهانگائي جو وڏو جھٽڪو ڏيڻ جو امڪان آهي.
ايندڙ مالي سال جي بجيٽ ۾ عوام کي مهانگائي جو هڪ ٻيو وڏو جھٽڪو ملڻ جو امڪان آهي، ڇاڪاڻ ته حڪومت آءِ ايم ايف کي پيٽروليم ليوي جي صورت ۾ رڪارڊ اضافي وصولي جو منصوبو پيش ڪيو آهي.
ذريعن موجب، مالي سال 2025-26 دوران پيٽروليم ليوي مان 1,311 ارب رپين جي وصولي جو اندازو لڳايو ويو آهي، جيڪو موجوده مالي سال جي 1,117 ارب رپين جي هدف کان 194 ارب رپيا وڌيڪ آهي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language