welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

پنجاب ۽ ڪي پي ڪي ۾ طوفاني برسات، مظفر آباد ۾ ڪڪر ڦاٽڻ، مختلف حادثن ۾ 6 ماڻهو فوت

اسلام آباد:(اربع 28 مئي 2025ع)پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه جي مختلف علائقن ۾ تيز برساتن سبب مختلف حادثن ۾ ڇهه ماڻهو فوت ٿي ويا. راولپنڊي ۽ اسلام آباد ۾ هوا ۽ طوفان سبب ڪيترن ئي هنڌن تي وڻ ۽ بجلي جا ٿنڀا ڪري پيا. ان دوران پشاور ۾ به هوا ۽ مينهن پيو، جنهن سبب وڻ اُڪري پيا، سولر پينل ۽ گاڏيون به تباهه ٿيون، اٽڪ ۾ هوا ۽ گجگوڙ رڪارڊ ڪئي وئي، جڏهن ته مظفر آباد ۾ ڪڪر ڦاٽڻ سبب ٽي ماڻهو فوت ٿيا، ڪيترائي گهر ۽ هڪ مسجد کي نقصان پهتو. ان کان علاوه، نيلم هاءِ وي لينڊ سلائيڊنگ سبب 8 هنڌن تي بند ٿي وئي، ديامر ۽ بابوسر ٽاپ تي وقفي وقفي سان برفباري جاري آهي، ۽ قراقرم هاءِ وي ديامر ۽ لوئر ڪوهستان ۾ مينهن ۽ چلاس ۾ لينڊ سلائيڊنگ سبب بند ٿي وئي. خيبرپختونخواهه جي مختلف شهرن ۾ ڳڙي ۽ مينهن سبب دريائن ۽ واهن ۾ ٻوڏ آئي، جڏهن ته ڪي پي ۾ مختلف حادثن ۾ 3 ماڻهو فوت ۽ 7 زخمي ٿيا. ان کان علاوه، پنجاب جي مختلف علائقن ۾ مٽيءَ جا طوفان ۽ مينهن رڪارڊ ڪيا ويا. تيز هوائن سبب ملتان ريلوي روڊ تي ٿنڀا ڪري پيا، ڪيترن ئي علائقن ۾ بجلي جي فراهمي معطل ٿي وئي، ۽ پراڻي شجاع آباد روڊ تي طوفان سبب هڪ گهر جي ڀت ڪري پئي، جنهن جي نتيجي ۾ 10 سالن جي ڇوڪري فوت ٿي وئي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے