welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

پاڪستان پاران علائقائي صورتحال تي سلامتي ڪائونسل کي باضابطه طور تي بريفنگ ڏيڻ جو فيصلو

اسلام آباد:(آچر 04 مئي 2025ع)نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي کي هدايت ڪئي ته سلامتي ڪائونسل جو اجلاس گهرائڻ لاءِ فوري قدم کنيا وڃن. پرڏيهي آفيس پاران جاري ڪيل بيان موجب، پاڪستان خطي جي صورتحال تي سلامتي ڪائونسل کي باضابطه طور تي بريفنگ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي. بيان موجب، پاڪستان سلامتي ڪائونسل کي ڀارت جي جارحاڻي ڪاررواين بابت آگاهه ڪندو جڏهن ته ان سان گڏ سنڌو پاڻي معاهدي کي معطل ڪرڻ جي ڀارت جي غير قانوني ڪاررواين کي به اجاگر ڪندو. پرڏيهي آفيس موجب، پاڪستان وضاحت ڪندو ته ڪيئن ڀارت جا جارحانه ڪارروايون خطي جي سلامتي کي خطري ۾ وجهي رهيون آهن. بيان موجب، سفارتي قدم عالمي برادري آڏو حقيقتون پيش ڪرڻ جي پاڪستان جي ڪوششن جو حصو آهي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے