ڪينبرا:(ڇنڇر 03 مئي 2025ع)حڪمران ليبر پارٽي هڪ ڀيرو ٻيهر آسٽريليا جي اليڪشن ۾ ڪاميابي حاصل ڪري ورتي آهي، جڏهن ته مخالف پارٽي اليڪشن ۾ پنهنجي شڪست قبول ڪري ورتي آهي.
پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن موجب آسٽريليا ۾ حڪومت ٺاهڻ لاءِ 76 سيٽون گهربل آهن. ليبر پارٽي موجوده اليڪشن ۾ 86 سيٽون کٽڻ ۾ ڪامياب ٿي. آسٽريليا جي مخالف ڌر جو اڳواڻ، جيڪو مسلمان مخالف خيال رکي ٿو، پڻ پنهنجي سيٽ وڃائي ويٺو.
آسٽريليا جي وزيراعظم فلسطيني حمايتين کي خبردار ڪيو
آسٽريليا ۾ لبرل پارٽي کي اسرائيل جي حمايت تي سخت مخالفت جو سامنا ٿيو. مخالف ڌر جي اڳواڻ پيٽر ڊٽن شڪست تسليم ڪئي ۽ وزيراعظم اينٿوني الباني کي مبارڪباد ڏني.
مخالف ڌر جي اڳواڻ چيو ته اسان هن اليڪشن ۾ اميد مطابق ڪارڪردگي نه ڏيکاري سگهياسين ۽ مان ان جي مڪمل ذميواري قبول ڪريان ٿو.
آسٽريليا جو وزيراعظم اينٿوني البانيز 21 سالن ۾ پهريون وزيراعظم بڻجي ويو جنهن مسلسل ٻيو ڀيرو ٽن سالن جو مدو کٽيو.
0 تبصرے
Do not use vulgar language