
اسلام آباد:(اربع 23 اپريل 2025ع)سينيٽ جي اجلاس ۾ پي ٽي آءِ پاران سنڌو مان نڪرندڙ ڪينالن خلاف قرارداد آڻڻ جو مطالبو، مخالف ڌر جو سينيٽ چيئرمين جي ڊائيس سامهون ڌرڻو، پيپلزپارٽي جي منافقي جي سياست نامنظور جا نعرا، پيپلزپارٽي جا سينيٽر ڪينال نامنظور جا نعرا لڳائڻ بعد ايوان مان واڪ آئوٽ ڪري هليا ويا، پيپلزپارٽي جي ميمبرن جي واڪ آئوٽ بعد حڪمران جماعت ن ليگ جا سينيٽر به ايوان مان نڪري ويا، حڪمران جماعت پاران ڪينالن خلاف قرارداد جي مطالبي کي ٽارڻ لاءِ ڪورم جي نشاندهي ڪري اجلاس ملتوي ڪرائي ڇڏيو .تفصيل موجب ڪالھه سينيٽ جو اجلاس سينيٽ چيئرمين يوسف رضا گيلاني جي صدارت ۾ شروع ٿيندي ئي پي ٽي آءِ سينيٽر سيف الله ابڙو پوائنٽ آف آڊر تي ڪينالن خلاف جمع ڪرايل قرارداد لهرائيندي ان تي ڳالهائڻ جو موقعو ڏيڻ جو مطالبو ڪيو پر سينيٽ چيئرمين کيس ڳالهائڻ جو موقعو نه ڏنو ۽ چيو ته سوالن جوابن جي ڪارروائي بعد اوهان ڳالهائي وٺجو، جنهن تي بنا مائيڪ جي ئي سيف الله ابڙي پوائنٽ آف آڊر تي ڳالهائيندي چيو ته سنڌ ۾ ستن ڏينهن کان ڪينالن خلاف عوام روڊن تي آھي هي مسئلو سنڌ جي عوام لاءِ زندگي ۽ موت جو مسئلو آھي هن قرارداد لهرائيندي چيو ته اسان ڪينالن خلاف هي قراراد جمع ڪرائي آھي جنهن کي ايوان ۾ پيش ڪيو وڃي ان دوران پيپلز پارٽي جي سينيٽرن بينچن تي بيهي ڪينال نامنظور جا نعرا لڳايا ڪجھه منٽن بعد سينيٽ ۾ پيپلزپارٽي جي پارلياماني ليڊر شيري رحمان سوڌو پيپلزپارٽي جا ميمبر واڪ آئوٽ ڪري هليا ويا جڏهن ته سينيٽ ۾ مخالف ڌر سان تعلق رکندڙ پي ٽي آءِ، جي يو آءِ جي سينيٽرن سينيٽ چيئرمين جي ڊائيس سامهون زمين تي ڌرڻو هڻي ويهي رهيا مخالف ڌر جا سينيٽر ڌرڻي دوران “پاڻي تي ڌاڙو نامنظور”، “پاڻي جي چوري نا منظور ” جا نعرا لڳائيندا رهيا جڏهن ته پي ٽي آءِ سوڌو مخالف ڌر جي سينيٽرن پيپلزپارٽي جي واڪ آئوٽ ڪرڻ تي ” چور ڀڃي ويا “پيپلزپارٽي ڪي سياست وڙ گئي” ، ” شرم ۾ پاڻي پاڻي پي پي پي ” ، “پيپلزپارٽي جي منافقت ۽ ٻٽي پاليسي نامنظور ” جا نعرا به لڳايا مخالف ڌر جي ميمبرن جو احتجاجي ڌرڻو جاري هو ته سينيٽ چيئرمين چيو ته ڪورم جي نشاندهي ٿي آھي جنهن تي پي ٽي آءِ جي ميمبرن احتجاج ڪندي چيو ته ڪورم جي ڪنهن به نشاندهي نه ڪئي آھي سخت احتجاج بعد سينيٽ چيئرمين چيو ته ڪورم پورو آھي سينيٽ اپوزيشن جو ڪينالن خلاف احتجاج جاري هو ته ڪورم کي اڻ پورو ڪرڻ لاءِ حڪومتي ميمبر مخالف ڌر جي آزاد ميمبرن کي سڏي پاڻ وٽ اچڻ لاءِ چوندا رهيا، قانون جي وفاقي وزير اعظم نذير تارڙ جو چوڻ هو ته وزير اعظم جي هدايت تي پيپلزپارٽي سان ان حوالي سان رابطا ڪيا آھن گهڻ رخي جماعتي مشاورت به زير غور آھي. هن مامري تي ويهي ڳالھه ٻولھه ڪندا سين ڪا به شي بلڊوز نه ٿيندي ڪابينه ميمبر ايوان ۾ سوالن جا جواب ڏيندا سينيٽ چيئرمين چيو ته مخالف ڌر جو اڳواڻ شيري رحمان سان ڳالهائي هن مامري تي بحث جو مامرو ايوان ۾ کڻي اچي اپوزيشن ليڊر شبلي فراز سينيٽ ۾ تقرير ڪندي چيو ته سنڌ جي عوام ڪينالن واري مامري تي هنن کان سخت ناراض آھي آصف زرداري پاڻ ڪينالن جي منظوري ڏني ۽ ان جو پٽ ان جي مخالفت ڪري رهيو آھي اهڙي سياست جو هنن کي نقصان ٿيو آھي پيپلزپارٽي جي نقصان جي پرواهه نه آھي سنڌ جي عوام جي پرواهه آھي سينيٽ ۾ ڪي پي جي خالي سيٽن تي جلد چونڊون ڪرايون وڃن ايوان ان حوالي سان قرارداد منظور ڪري اپوزيشن ليڊر جي تقرير جاري هئي ته حڪمران جماعت مسلم ليگ ن جي سينيٽر ناصر بٽ کي واڪ آئوٽ ڪري ويل حڪومتي ميمبرن جي سينيٽ اسٽاف پاران پرچي ملي جنهن بعد هن سينيٽ ۾ ڪورم نه هجڻ جي نشاندهي ڪئي جنهن تي اي اين پي جي ايمل ولي خان چيو ته حڪومتي سينيٽر ايوان ۾ اچي ميمبرن کي ٻاهر وڃڻ لاءِ چوندا رهيا ان بعد ڪورم جي نشاندهي ڪئي وئي ائين ڪورم جي نشاندهي ڪرڻ کان اڳ قانون جو وفاقي وزير، ن ليگ جو پارلياماني ليڊر عرفان صديقي سميت سمورا حڪومتي اتحاد جا ميمبر ايوان مان نڪري ويا جيئن ايوان جو ڪورم پورو نه ٿي سگهي. سينيٽ چيئرمين ڪورم جي نشاندهي ٿيڻ تي ڪارروائي روڪي ڳڻپ ڪرائي سينيٽ چيئرمين چيو ته ايوان جو ڪورم پورو ناهي ايوان ۾ ڪل 19 ميمبر آھن جنهن بعد اجلاس جمعي ساڍي 10 وڳي تائين ملتوي ڪري ڇڏيو
0 تبصرے
Do not use vulgar language