welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

صدر آصف زرداري ڪئنالن جي ڏنل منظوري واپس وٺي يا استعيفيٰ ڏئي گهر هليو وڃي: سيد زين شاهه

حيدرآباد:(اڱارو 08 اپريل 2025ع)سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي سربراهه سيد زين شاهه چيو آهي ته صدر آصف زرداري ڪئنالن جي ڏنل منظوري واپس وٺي يا استعفي ڏئي گھر هليو وڃي، اهڙن خيالن جو اظهار سيد زين شاهه سيوهڻ ۾ لڳايل دستخطي ڪئمپ تي ڳالهيون ڪندي ڪيو. هن چيو ته سڄي سنڌ ۾ سياسي سماجي، هاري، مزدور، وڪيل، استاد، شاگرد، ڳوٺاڻا جيڪي احتجاج ڪن پيا اهي احتجاج ڀاڳيا ڪري رهيا آهن پيپلزپارٽي پ پ وارا جيڪي احتجاج ڪن پيا اهو چورن وارو احتجاج آهي. پيپلزپارٽي جي اڳواڻن ڪورٽ مان اسٽي ورتي آهي. سنڌ اسيمبلي ۾ ريزوليوشن پاس ڪئي اهي حربا استعمال ڪري سنڌ ۾ ٿيندڙ تحريڪ کي ڪمزور ڪرڻ ٿا چاهين ته جئين احتجاجن ۾ ڪمي اچي سگھي ته جئين ڪئنالن واري ڪم تي اربين روپيا خرچ ٿي وڃن پيپلزپارٽي جو احتجاج منافڪي وارو آهي جنھن کي اسان نٿا مڃون، سنڌ جو عوام هنن کي رد ڪري ڇڏيو آهي. سيد زين شاهه چيو ته سنڌ ۾ مختلف سياسي پارٽين جي گڏيل جدوجهد طاقتور ٿي وئي آهي اها جدوجهد هنن کي گوڏا کوڙائڻ تي مجبور ڪندي، صدر آصف علي زرداري ٻن صوبن جي حڪومت عيوض سنڌ جي وسيلن ۽ پاڻي سميت سودو ڪيو آهي. هي ڪئنالن وارو فيصلو زبردستي مڙهڻ چاهين ٿا جنھن جو نقصان رياست کي ٿيندو هن چيو ته صدر زرداري پاڻ کي بيمار ڪري ڊرامو ڪيو آهي 20 سالن کان اهو ڊرامو ڪندا ٿا اچن سودي ۾ حڪومت مليل اٿن ته احتساب ته ٿيندو. سيد زين شاھ جي سيوهڻ آمد تي سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي تعلقه سيوهڻ جي ڪارڪنن لال باغ تي سندس شاندار استقبال ڪيو ۽ ريلي جي صورت ۾ گولڊن گيٽ وٽ دستخطي ڪئمپ تي پھتو ۽ ريلي کي خطاب ڪيو بعد ۾ درگاھ قلندر لعل شھباز مزار تي حاضري ڀري چادر چاڙھي فاتح پڙهي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے