welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

سيوِ سنڌو ڊاڪٽرس فورم طرفان سنڌو درياءَ تي غير آئيني ڪينالن، ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف ڪنوينشن ڪوٺائڻ جو اعلان

حیدرآباد:(اڱارو 08 اپريل 2025ع)سيوِ سنڌو ڊاڪٽرس فورم ، سنڌو درياءَ تي غير آئيني ۽ غيرقانوني ڪينالن ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ کي رد ڪندي 11 اپريل تي سنڌ ميوزم حيدرآباد ۾ سنڌ ڊاڪٽرس ڪنوينشن ڪوٺائڻ جو اعلان ڪيو آھي حيدرآباد پريس ڪلب ۾ ڊاڪٽرن جي وفد صحافين کي ڪنوينشن جا دعوت ناما ڏنا ان موقعي تي سيو سنڌو ڊاڪٽرس فورم جي اڳواڻن ڊاڪٽر سورٺ سنڌو، ڊاڪٽر علي حسيب قاضي، ڊاڪٽر سھيل سرڪي، ڊاڪٽر ماجد ڳورڙ، مھراڻ چنا ۽ ٻين ڳالھائيندي چيو ته سنڌو درياءَ سان سنڌ جو جياپو جڙيل آھي ۽ درياءَ مان ڪينال ڪڍي سنڌ جي ساھ رڳ ڪٽڻ جي سازش رٿي وئي آھي جنھن سازش کي سنڌ جي ڪروڙين ماڻھن رد ڪري ڇڏيو آھي، اسين ڊاڪٽر به سنڌ جي ھن آواز ۽ احتجاج ۾ شامل آھيون، سنڌ جا ڊاڪٽر به ڪارپورٽ فارمنگ ۽ ڪينالن کي آئين ۽ بنيادي فطري انساني حقن تي وار سمجھن ٿا، ان قسم جا فيصلا ڏاڍ ۽ جبر جي عڪاسي ڪن ٿا. ھنن چيو ته 11 اپريل تي 3 وڳي ٿيندڙ ھن ڊاڪٽرس ڪنوينشن کي پاڻي جو ماھر نصير ميمڻ, احسان لغاري، جامي چانڊيو، بخشل ٿلھو، وينگس، ڊاڪٽر علي رند، مسرور شاھ، سجاد چانڊيو ۽ ٻيا خطاب ڪندا. وفد جي آجيان ڪندي حيدرآباد پريس ڪلب جي صدر خالد کوکر چيو ته سنڌ جا ڪروڙين ماڻھو ڪينال ۽ ڪارپوريٽگ فارمنگ کي رد ڪري چڪا آھن ، آبادگارن، صحافين، سول سوسائٽي سميت سماج جي سمورن طبقن جو گڏيل مطالبو آھي ته ڪينال ۽ ڪارپورٽنگ فارمنگ واريون رٿائون غير آئيني ۽ غيرقانوني آھن. سنڌ ان کي قبول نه ڪندي تنھن ڪري اھڙا سنڌ مخالف فيصلا واپس ورتا وڃن، ان موقعي تي حيدرآباد پريس ڪلب جو خزانچي جئہ پرڪاش، گورننگ باڊي جا ميمبر اقبال ملاح، احمد خان شيخ، اشوڪ راماڻي، راشد لغاري، اعجاز لغاري ۽ ٻيا پڻ موجود ھئا.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے