ڪراچي:(اڱارو 08 اپريل 2025ع)ملڪ ۾ سون جي قيمتن ۾ اڄ هزارين رپيا گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، في تولو سون 2 هزار رپيا سستو ٿيڻ کانپوءِ 3 لک 18 هزار رپين جو ٿي ويو آهي.
اهڙي ريت 10 گرام سون 1715 رپين جي لاٿ کانپوءِ 2 لک 72 هزار 633 رپين ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي.
هوڏانهن عالمي مارڪيٽ ۾ به في اونس سون جي قيمت 28 ڊالر گهٽجڻ کانپوءِ 3 هزار 10 ڊالر ٿي وئي آهي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language