غزہ:(آچر 13 اپريل 2025ع)اسرائيلي فوج غزه ۾ الاهلي اسپتال تي بمباري ڪئي، جنهن ۾ اسپتال جا ڪيترائي بلاڪ تباهه ٿي ويا.
عرب ميڊيا موجب، اسرائيلي فوج غزه ۾ الاهلي اسپتال تي حملو ڪيو آهي ۽ مريضن، جن ۾ اسپتال ۾ پناهه وٺندڙ ٻيا ماڻهو به شامل آهن، کي اتان نڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي.
رپورٽ موجب، اسرائيلي فوج جي حملي ۾ اسپتال جو استقبال، ايمرجنسي يونٽ، ۽ انتهائي نگہداشت ۾ مريضن لاءِ طبي آڪسيجن تي مشتمل هڪ بلاڪ تباهه ٿي ويو.
عرب ميڊيا موجب حملي سبب اسپتال ۾ علاج هيٺ مريضن ۽ ٻين ماڻهن کي اسپتال جي عمارت ڇڏڻ تي مجبور ڪيو ويو ۽ هاڻي آس پاس جي گهٽين ۾ پناهه وٺي رهيا آهن.
0 تبصرے
Do not use vulgar language