ممبئي:(آچر 13 اپريل 2025ع)ڀارتي ڳائڻي سونو ڪڪڙ تصديق ڪئي آهي ته هن پنهنجي مشهور ڳائڻي ڀيڻ نيها ڪڪڙ ۽ ڀاءُ ٽوني ڪڪڙ سان پنهنجو تعلق ختم ڪري ڇڏيو آهي.
ڳائڻي گذريل ڏينهن انسٽاگرام ۽ ايڪس تي هڪ پوسٽ شيئر ڪئي جنهن ۾ هن هڪ جذباتي پيغام لکيو، پر حيرت جي ڳالهه آهي ته سونو بعد ۾ پنهنجي پوسٽ ڊليٽ ڪري ڇڏي.
ڳائڻي سوشل ميڊيا تي لکيو ته، "مون کي توهان سڀني کي اهو ٻڌائيندي تمام گهڻي مايوسي ٿي رهي آهي ته مان هاڻي ٻن باصلاحيت سپر اسٽارز ٽوني ڪڪڙ ۽ نيها ڪڪڙ جي ڀيڻ نه رهي آهيان."
ڳائڻي سونو ڪڪڙ ڀاءُ سان تعلق ختم ڪري ڇڏيو، سوشل ميڊيا تي پوسٽ وائرل

سونو ڪڪڙ وڌيڪ چيو ته، "منهنجو هي فيصلو گهري جذباتي درد جي ڪري آهي، ۽ مان اڄ واقعي دل ٽوڙيل آهيان."
سونو ڪڪڙ اڃا تائين ڪا وضاحت جاري نه ڪئي آهي، پر ڳائڻي جي اوچتو اعلان ۽ بعد ۾ پوسٽ کي ڊليٽ ڪرڻ تي صارفين پريشان آهن، جڏهن ته نيها ۽ ٽوني به معاملي تي ڪو به جواب نه ڏنو آهي.
ڀارتي ميڊيا موجب، ڪڪڙ ڀائرن جي وچ ۾ هن وقت ڇڪتاڻ آهي. ماضي ۾، اهي اڪثر هڪ ٻئي جي ڀرسان بيٺا ۽ عوامي پليٽ فارمن تي پيار سان ڳالهائيندا ڏٺا ويندا هئا.
اهو ياد رکڻ گهرجي ته سونو، نيها ۽ ٽوني ڪڪڙ پنهنجي تعاون سان مداحن کي موهي رهيا آهن.
0 تبصرے
Do not use vulgar language