welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

اسرائيلي فوج غزه جي اهم رستي تي قبضو ڪري ورتو

رفح:(آچر 13 اپريل 2025ع)اسرائيلي فوج ڏکڻ غزه ۾ رفح شهر کي گهيرو ڪري جنگ کي وڌيڪ وڌائڻ جي ڌمڪي ڏني آهي. صيهوني عملدارن رفح ۽ خان يونس کي ڳنڍيندڙ ڪوريڊور جو ڪنٽرول سنڀالي ورتو آهي. اسرائيلي دفاعي فوج ڇنڇر ڏينهن منجهند جو اعلان ڪيو ته انهن ڏکڻ غزه پٽي ۾ موراگ ڪوريڊور تي قبضو مڪمل ڪري ورتو آهي، جنهن سان رفح شهر کي خان يونس کان ڪٽي ڇڏيو آهي، جنهن کي هو پنهنجي سيڪيورٽي زون جو حصو قرار ڏئي رهيو آهي. بين الاقوامي خبر رساں اداري الجزيره جي هڪ رپورٽ موجب، اسرائيلي فوج جي هن ڪارروائي کي اسرائيل پاران جنگ زدہ فلسطيني علائقي جي هڪ وڏي حصي تي قبضو ڪرڻ جي ڪوشش طور ڏٺو پيو وڃي. اسرائيلي فوج مسلسل بمباري ذريعي غزه جي پاڻي جي نظام کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي ۽ مرمت ۾ رڪاوٽون وجهي ڇڏيون آهن، جنهن جي ڪري صورتحال فلسطينين لاءِ انتهائي تباهي واري ٿي وئي آهي، جنهن جي نتيجي ۾ پاڻي جي سخت کوٽ پيدا ٿي وئي آهي. غزه جي صحت جي عملدارن جو چوڻ آهي ته اسرائيلي فوج جي نون حملن هزارين ماڻهن لاءِ صاف پاڻي بند ڪري ڇڏيو آهي. حماس جي عهديدارن چيو ته اسرائيلي فوج غزه پٽي ۾ اترئين پائپ لائن کي نقصان پهچايو، جنهن جي ڪري پاڻي جو وڏو بحران پيدا ٿيو. اسرائيلي فوج غزه ۾ ڏکڻ واري شهر رفح کي مڪمل طور تي گهيرو ڪري ورتو آهي ۽ ان کي باقي پٽي کان ڪٽي ڇڏيو آهي، جنهن کي هو پنهنجي "سيڪيورٽي زون" جو حصو سڏي رهيو آهي. ان کان علاوه، غزه جي صحت واري وزارت جي عملدارن جو چوڻ آهي ته گذريل مهيني اسرائيل پاران حماس سان جنگ بندي ٽوڙڻ کان پوءِ غزه تي حملن ۾ فوتين جو انگ 1,560 کان وڌي ويو آهي. صحت واري وزارت موجب، اسرائيلي جنگ ۾ هاڻي تائين گهٽ ۾ گهٽ 50,912 فلسطيني مارجي ويا آهن ۽ 115,981 زخمي ٿيا آهن. رياستي ميڊيا آفيس تازو ئي فوتين جو انگ 61,700 کان وڌيڪ ٻڌايو ۽ چيو ته هزارين ماڻهو اڃا تائين ملبي هيٺان گم آهن، جن جي بچڻ جا امڪان گهٽ آهن.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے