welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

وزيراعظم جو صدر آصف زرداري سان رابطو، جلد صحتيابي لاءِ دعا

اسلام آباد: (ڇنڇر 05 اپريل 2025ع)وزيراعظم شهباز شريف صدر آصف زرداري سان ٽيليفون تي رابطو ڪري سندس صحت بابت پڇاڻو ڪيو. صدر آصف زرداري، جيڪو ڪورونا ۾ مبتلا آهي، ڪراچي جي هڪ خانگي اسپتال ۾ علاج هيٺ آهي. وزيراعظم جمعي ڏينهن صدر سان رابطو ڪيو ۽ سندس جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. شهباز شريف صدر زرداري کي ٻڌايو ته سڄي قوم سندس صحتيابي لاءِ دعاگو آهي. وزيراعظم شهباز شريف به شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته ذوالفقار علي ڀٽو پاڪستان ۾ جمهوري قدرن جو علمبردار هو. جمهوريت ۽ جمهوري قدرن جي فروغ ۾ ذوالفقار علي ڀٽو جون خدمتون هميشه ياد رکيون وينديون.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے