welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

مائڪروسوفٽ پاران اسرائيلي فوج کي اي آءِ هٿيار وڪرو ڪرڻ تي ملازمن جو سخت احتجاج

نيويارڪ: (ڇنڇر 05 اپريل 2025ع)ٽيڪنالاجي ڪمپني مائڪروسوفٽ جي فلسطين نواز ملازمن ڪمپني جي 50 هين سالگرهه جي جشن ۾ اسرائيلي فوج کي مصنوعي ذهانت اي آءِ هٿيارن جي وڪري تي احتجاج ڪيو. پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن موجب، هي اسرائيلي فوج کي اي آءِ هٿيار فراهم ڪرڻ تي مائڪروسوفٽ جي عوامي تنقيد جو تازو واقعو آهي. ملازمن جو احتجاج تڏهن شروع ٿيو جڏهن مائڪروسوفٽ اي آءِ سي اي او مصطفيٰ سليمان ڪمپني جي اي آءِ اسسٽنٽ پراڊڪٽ ڪوپائلٽ لاءِ پراڊڪٽ اپڊيٽس ۽ ڊگهي مدي واري ويزن پيش ڪري رهيو هو. تقريب ۾ ڪمپني جي شريڪ باني بل گيٽس ۽ اڳوڻي سي اي او اسٽيو بالمر پڻ شرڪت ڪئي. عورت ملازم ابتهال ابو سعد اسٽيج تي هلي وئي ۽ رڙ ڪئي، "مصطفيٰ، شرم ڪر،" جنهن تي سي اي او پنهنجي تقرير روڪي ڇڏي جڏهن ته سڀ حيران ٿي ويا. ابتهل ابو سعد چيو، "توهان دعويٰ ڪندا آهيو ته توهان مصنوعي ذهانت جي سٺي استعمال بابت پريشان آهيو، پر مائڪروسافٽ اسرائيلي فوج کي مصنوعي ذهانت جا هٿيار وڪرو ڪري ٿو، 50,000 ماڻهو شهيد ٿي چڪا آهن، ۽ ڪمپني اسان جي علائقي ۾ هن نسل ڪشي کي وڌائي رهي آهي." ان تي مصطفيٰ سليمان چيو، "توهان جي احتجاج لاءِ مهرباني، مان توهان کي ٻڌي رهيو آهيان." ابو سعد جواب ڏنو ته توهان ۽ توهان جي ڪمپني جا هٿ بيگناهه فلسطينين جي رت سان رنگيل آهن. بعد ۾، وانيا اگروال نالي هڪ ملازم به سخت احتجاج شروع ڪيو ۽ سي اي او جي تقريب کي روڪي ڇڏيو. ايسوسيئيٽڊ پريس (اي پي) نيوز ايجنسي جي هڪ جاچ مان ظاهر ٿيو آهي ته غزه ۽ لبنان ۾ تازين جنگين دوران بمباري جي هدفن جي چونڊ لاءِ مائڪروسوفٽ ۽ اوپن اي آءِ جا اي آءِ ماڊل استعمال ڪيا ويا هئا.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے