welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

پي ٽي آءِ اڳواڻ عاليه حمزه کي عدالتي رمانڊ تي ڊسٽرڪٽ جيل جهلم منتقل ڪيو ويو

جھلم:(آچر 20 اپريل 2025ع)پي ٽي آءِ اڳواڻ عاليه حمزه کي ڊسٽرڪٽ جيل جهلم منتقل ڪيو ويو. میڊيا موجب پي ٽي آءِ اڳواڻ عاليه حمزه کي 14 ڏينهن جي عدالتي رمانڊ تي ڊسٽرڪٽ جيل جهلم منتقل ڪيو ويو آهي. جيل ترجمان موجب، عاليه حمزه کي ڇنڇر ڏينهن اسلام آباد جي مقامي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، جتان کيس پهريان عدالتي رمانڊ تي اڊيالا جيل منتقل ڪيو ويو، پر بعد ۾ کيس جهلم جيل منتقل ڪيو ويو. ذريعن موجب اڊيالا جيل انتظاميا عاليه حمزه کي کڻي وڃڻ کان معذرت ڪئي هئي ۽ چيو هو ته عورتن جي بيرڪ ۾ گنجائش کان وڌيڪ هجڻ ڪري عاليه حمزه کي جهلم جيل موڪليو ويو آهي. واضح رهي ته عاليه حمزه خلاف اسلام آباد ايئرپورٽ پوليس اسٽيشن ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته پوليس کيس گذريل ڏينهن گرفتار ڪيو هو.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے