ڪراچي:(اڱارو 29 اپريل 2025ع)موسميات کاتي اڳڪٿي ڪئي آهي ته ايندڙ ڪجهه ڏينهن تائين سڄي سنڌ ۾ گرمي جي لهر جاري رهندي.
موسميات کاتي موجب، سنڌ ۾ ڪيترائي هنڌ گرمي جي لهر کي منهن ڏئي رهيا آهن ۽ ڪراچي ۾ به ايندڙ ڪجهه ڏينهن تائين موسم گرم ۽ خشڪ رهڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته شهر ۾ اڄ ۽ سڀاڻي وقفي وقفي سان تيز هوائون لڳنديون رهنديون.
موسميات کاتي چيو آهي ته اولهه جي هوائن جو هڪ سلسلو پهرين مئي تي ملڪ جي مٿانهين علائقن کي متاثر ڪري سگهي ٿو، ۽ هي اولهه جي هوائن جو نظام 5 مئي تائين ملڪ تي اثر انداز ٿيندو رهندو.
موسميات کاتي موجب، اولهه واري هوائن جي نظام جي ڪري ملڪ جي مٿانهين حصن ۾ مينهن پئجي سگهي ٿو ۽ ان نظام جا ڪجهه اثر سنڌ ۾ مينهن جي صورت ۾ به ٿي سگهن ٿا، جنهن جي ڪري 2-3 مئي دوران سنڌ ۾ ڪجهه هنڌن تي مينهن پئجي سگهي ٿو.
0 تبصرے
Do not use vulgar language