نئين دھلي:(اڱارو 29 اپريل 2025ع)پاڪستاني هوائي حدون بند ٿيڻ سبب نه رڳو هندستان جون بين الاقوامي اڏامون دير سان ٿيون آهن، پر آپريشنل سببن جي ڪري، سومر جي منجهند کان 1 وڳي تائين 12 ڪلاڪن ۾ نئين دهلي ايئرپورٽ تي 510 اڏامون دير سان آيون.
فلائيٽ شيڊول موجب، دهلي ايئرپورٽ تي پهچڻ واريون 250 اڏامون منجهند 1 وڳي کان صبح 1 وڳي تائين دير سان پهتيون.
منجهند کان 1 وڳي تائين 12 ڪلاڪن ۾ 260 روانگي ٿيندڙ اڏامن ۾ دير ٿي آهي.
دهلي جي اندرا گانڌي ايئرپورٽ تي پروازن جي آمد ۾ سراسري دير 55 منٽ ٻڌائي وئي آهي.
آپريشنل سببن جي ڪري آمد جي پروازن ۾ دير جي ڪري خلل جو انڊيڪس 4.6 تائين وڌي ويو، جڏهن ته دهلي ايئرپورٽ کان روانگي جي پروازن ۾ سراسري دير 65 منٽ هئي ۽ روانگي جي پروازن ۾ دير جي ڪري خلل جو انڊيڪس 5 جي آخري سطح تي پهچي ويو.
دهلي ايئرپورٽ تي سڀ کان وڌيڪ گهريلو پروازن ۾ دير جي رپورٽ ڪئي وئي.
ياد رهي ته والاريل ڪشمير جي پهلگام علائقي ۾ 26 ڀارتي سياحن جي قتل کان پوءِ پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ڇڪتاڻ وڌي وئي آهي.
خميس ڏينهن پاڪستاني وقت موجب شام 6 وڳي پاڪستان جي هوائي حدون هندستاني جهازن لاءِ بند ڪيون ويون.
0 تبصرے
Do not use vulgar language