
تھران:(اڱارو 15 اپريل 2025ع)ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ عمان ۾ ڳالهين جي پهرئين دور کانپوءِ ايراني سپريم ليڊر آيت الله خامنه اي جو بيان سامهون اچي ويو.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽ موجب، ايراني سپريم ليڊر چيو آهي ته آمريڪا سان جاري ڳالهيون شروعاتي طور تي ” صحيح طريقي سان“ ٿيون، پر هن خبردار ڪندي چيو ته ڳالهيون نتيجا ڏيندڙ به ثابت ٿي سگهن ٿيون ۽ بنا نتيجي ختم به ٿي سگهن ٿيون.
ايراني سپريم ليڊر موجب، شروعاتي مرحلي ۾ ڳالهه ٻولهه سٺي رهي، اسان ٻي ڌر جي بابت گهڻو پراميد نه آهيون پر پنهنجي صلاحيتن تي پورو اعتماد آهي.
جيتوڻيڪ ايران ۽ آمريڪا ۾ 1979ع واري انقلاب کانپوءِ سفارتي لاڳاپا ڪٽيل آهن پر ٻنهي ملڪن تازي ڳالهه ٻولهه کي ” تعميري “ قرار ڏنو آهي.
ايران جو چوڻ آهي ته هاڻي به ڳالهيون اڻ سڌي طرح جاري آهن ۽ عمان جي ٽياڪڙي سان ٿي رهيون آهن.
ڳالهين جي پهرئين دور کانپوءِ ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي سوشل ميڊيا بيان ۾ چيو ته ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ اڻ سڌي طرح ڳالهه ٻولهه جو پهرين دور پڄاڻي تي پهتو.
سندس چوڻ هو ته ڳالهيون تعميري ۽ هاڪاري ماحول ۾ ٿيون، ڳالهه ٻولهه ختم ٿيڻ کان اڳ ايراني ۽ آمريڪي وفدن وچ ۾ مختصر ڳالهيون ٿيون.
پر گذريل ڏينهن آمريڪي صدر ٽرمپ هڪ ڀيرو وري ايران جي جوهري ٿاڪن کي نشانو بڻائڻ جي ڌمڪي ڏني ۽ ايراني قيادت کي ” انتهاپسند “ قرار ڏيندي چيو ته وٽن جوهري هٿيار نه هئڻ گهرجن.
هوڏانهن ايران دعويٰ ڪئي آهي ته ان جو جوهري پروگرام پرامن مقصدن ۽ خاص طور تي توانائي جي پيدوار لاءِ آهي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language