لاھور:(اربع 23 اپريل 2025ع)ن ليگ جي سينئر اڳواڻ سينيٽر عرفان صديقي چيو آهي ته ڪينال مسئلي تي پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ ن ليگ جو اتحاد متاثر نه ٿيندو، پيپلز پارٽي هڪ سنجيده سياسي جماعت آهي.
الحمرا آرٽس ڪائونسل ۾ هڪ تقريب ۾ شرڪت بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي عرفان صديقي چيو ته پي ٽي آءِ پاڻ پنهنجي ئي ڄار ۾ ڦاسي چڪي آهي، اسان جا ڪيس سپريم ڪورٽ ۾ شروع ٿيندا هئا ۽ اتي ئي ختم ٿيندا هئا، جڏهن ته پي ٽي آءِ اڳواڻن جا ڪيس ماتحت عدالتن ۾ هلي رهيا آهن.
هن چيو ته ڪينالن ۽ پاڻي جي ورڇ جا مسئلا گڏ ويهي حل ڪيا ويندا، ٻنهي جماعتن ميثاق جمهوريت تي صحيحون ڪيون آهن، ڪينالن جي معاملي تي پيپلز پارٽي ۽ ن ليگ جو اتحاد متاثر نه ٿيندو، خدشا هر هنڌ ٿي سگهن ٿا، جيڪي ڳالهه ٻولهه ذريعي حل ڪري سگهجن ٿا. پيپلز پارٽي هڪ سنجيده سياسي جماعت آهي، جيڪا عوام کان ووٽ وٺي اچي ٿي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language