ڪراچي:(آچر 06 اپريل 2025ع)ڪراچي جي ڪورنگي ڪريڪ علائقي ۾ باهه مان نڪتل اُبلندڙ پاڻي جي نمونن جي شروعاتي ڪيميائي تجزيي رپورٽ ملي وئي آهي.
تفصيل موجب باهه واري هنڌ تان ورتل پاڻي جي نمونن جي ڪيميائي تجزيي جي رپورٽ ۾ ظاهر ٿيو ته هائيڊرو ڪاربن جي مقدار مقرر ڪيل حد کان گهٽ هئي.
شروعاتي ڪيميائي تجزيي جي رپورٽ موجب، پاڻي ۾ بينزين، ٽوليون ۽ ٽيٽرا ڪلوروٿين جي گهڻي مقدار ملي، جڏهن ته او-زائلين به ٿوري مقدار ۾ ملي.
ياد رهي ته ڪورنگي علائقي ۾ 8 ڏينهن اڳ بورنگ دوران هڪ کڏ ۾ باهه لڳي هئي، جيڪا اڃا تائين نه وسائي وئي آهي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language