لاھور:(سومر 28 اپريل 2025ع)پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ صنم جاويد ۽ سندس مڙس کي پوليس لاهور مان گرفتار ڪري ورتو آهي.
پوليس ڪوٽ لکهپت جيل جي ڀرسان صنم جاويد ۽ سندس مڙس پروفيسر عتيق رياض کي گرفتار ڪرڻ کان پوءِ اڻڄاتل هنڌ تي منتقل ڪري ڇڏيو آهي.
صنم جاويد 9 مئي ڪيسز جي جاري عدالتي ٻڌڻي کان پوءِ ڪوٽ لکهپت جيل مان ٻاهر نڪتي هئي، صنم جاويد کي اينٽي ٽيررسٽ فورس(اي ٽي ايف) 9 مئي جي ڪيس ۾ گرفتار ڪري ورتو آهي، پوليس ذريعن موجب صنم جاويد تي سنگين الزامن جي تحت جاچ ڪئي پئي وڃي.
ٻئي طرف ايف آءِ اي اختيارين جو چوڻ آهي ته عتيق رياض کي عظمي بخاري جعلي وڊيو اسڪينڊل جي ڪيس ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language