واشنگٽن:(آچر 20 اپريل 2025ع)آمريڪا جي مختلف رياستن ۾ اڄ صدر ٽرمپ ۽ سندس پاليسين خلاف احتجاج ٿي رهيا آهن، جن ۾ هزارين ماڻهو شرڪت ڪري رهيا آهن.
پرڏيهي ميڊيا موجب صدر ٽرمپ جي پاليسين خلاف اڄ مختلف آمريڪي رياستن ۾ احتجاج ٿي رهيا آهن، جن ۾ وڏي انگ ۾ ماڻهو شرڪت ڪري رهيا آهن.
رپورٽ موجب، واشنگٽن ڊي سي ۾ به مظاهرين وڏي انگ ۾ گڏ ٿيڻ شروع ٿي ويا آهن، جڏهن ته نيويارڪ ۽ فلوريڊا سميت مختلف هنڌن تي مظاهرين پنهنجا احتجاج رڪارڊ ڪرائي رهيا آهن.
آمريڪي ميڊيا موجب واشنگٽن ڊي سي ۽ آمريڪا جي ٻين شهرن ۾ ٽرمپ خلاف احتجاج جو سڏ 50501 موومينٽ طرفان ڏنو ويو آهي. 50501 پنجاهه آمريڪي رياستن ۾ پنجاهه احتجاجن جي تحريڪ جي نمائندگي ڪري ٿو.
رپورٽ موجب، احتجاج جي منتظمين جو چوڻ آهي ته انهن ٽرمپ انتظاميا جي غير جمهوري ۽ غير قانوني ڪاررواين خلاف احتجاج جو سڏ ڏنو آهي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language