لاھور:(جمعو 25 اپريل 2025ع)لاهور ۾ وومين پوليس اسٽيشن جي ايس ايڇ او ڌاڙيلن جي ساٿي نڪتي.
پوليس موجب، ڦر جي جوابدارن کي لاهور جي مضافات ڪاهنا مان گرفتار ڪيو ويو. انهن انڪشاف ڪيو ته انهن جي ساٿي واقعي ۾ استعمال ٿيل پستول هڪ گهر ۾ لڪائي رکيو هو. جڏهن پوليس گهر تي ڇاپو هنيو ته وومين پوليس اسٽيشن جي ايس ايڇ او ثانيه اتي رهيل هئي.
پوليس ثانيه کان ڦرلٽ ۾ استعمال ٿيل پستول هٿ ڪيو، جڏهن ته جوابدار خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي ۽ کيس گرفتار پڻ ڪيو ويو آهي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language