welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

پاڪستان ڪنهن به قسم جي ايڊونچر جو منهن ٽوڙ جواب ڏيڻ لاءِ تيار آهي: پرڏيهي سيڪريٽري

اسلام آباد:(جمعو 25 اپريل 2025ع)پاڪستان جي پرڏيهي سيڪريٽري آمنه بلوچ پاڪستان ۾ مقرر پرڏيهي سفارتڪارن کي ڀارت جي ڇڪتاڻ وڌائڻ جي ڪوششن خلاف خبردار ڪيو آهي. پاڪستان طرفان اسلام آباد ۾ مقرر مختلف ملڪن جي سفيرن ۽ سفارتي نمائندن کي پهلگام حملي کانپوءِ والاريل ڪشمير جي صورتحال بابت بريفنگ ڏني وئي. پرڏيهي سيڪريٽري آمنه بلوچ سفيرن ۽ سفارتي نمائندن کي قومي سلامتي ڪميٽي جي اجلاس جي فيصلن بابت پڻ آگاهه ڪيو. پرڏيهي سيڪريٽري پاڪستان خلاف ڀارتي پروپيگنڊا کي سختي سان رد ڪندي چيو ته اهڙا حربا خطي ۾ امن ۽ استحڪام کي روڪيندا. پاڪستان هميشه هر قسم جي دهشتگردي کي رد ڪيو آهي. آمنه بلوچ پرڏيهي سفارتڪارن کي ڀارت جي تڪرار وڌائڻ جي ڪوششن خلاف خبردار ڪيو ۽ پنهنجي عزم کي ورجايو ته پاڪستان ڪنهن به قسم جي اشتعال انگيز ڪارروائي جو مناسب جواب ڏيڻ لاءِ تيار آهي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے